مطالبات

ڪراچي (پ ر):
سنڌ سُجاڳي فورم ڪراچي ڊويزن ۽ وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ جي سڏ تي اڄ آچر جي شام 5 وڳي کان 7:30 تائين سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ۽ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي وڪيل محب آزاد لغاري ۽ سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سوين سياسي سماجي ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي فائنانس سيڪريٽري سھڻي جويو، وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ جي ڪنوينر سورٺ لوھار، سنڌ سُجاڳي فورم ڪراچي ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري لطيف ميمڻ، جوائنٽ سيڪريٽري ياسين جُھلڻ، ميڊيا سيڪريٽري زاھد کوسي، فائنانس سيڪريٽري سنڌو ساگر، ھيومن رائيٽس پاڪستان جي وائيس چيئرمين اسد اقبال بٽ، سن سجاڳي مزدور فيڊريشن جي ڊپٽي چيف آرگنائيزر ھمت ڦلپوٽي عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري لطيف لغاري، وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ جي ڪوآرڊينيٽر سسئي لوھار، ايڊووڪيٽ محب آزاد جي والد رانجھو لغاري، گھرواري اترت آزاد، پُڦي فاطمہ لغاري، رياض ۽ امتياز خاصخيلي جي ڀينرن ناھدہ ۽ سويرہ خاصخيلي، نسيم بلوچ جي مڱيندي ۽ سنڌ سجاڳي فورم جي ميمبر ھاني بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سي اين جي پمپ زينب مارڪيٽ کان ڪراچي پريس ڪلب تائين احتجاجي مارچ ڪري ڪراچي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ھڻي احتجاج ڪيو ويو.
ان موقعي تي مٿين اڳواڻن ڳالھائيندي چيو تہ، ” اھو ڪٿان جو انصاف آھي جو ھڪ طرف سنڌ ۽ بلوچستان مان سون ۽ ھزارن جي تعداد ۾ سياسي، قومي ۽ سماجي ڪارڪنن جي گھرن تي راتاھا ھڻي، چادر ۽ چوديواريءَ جو تقدس پامال ڪندي ٻارڙن ۽ عورتن تي تشدد ڪري کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو، ۽ ٻئي طرف انھن جي آزاديءَ لاءِ آواز اُٿاريندڙ ۽ قانوني ويڙھ وڙھندڙ ايڊووڪيٽ محب آزاد لغاريءَ کي ھاءِ ڪورٽ ويندي وچ رستي تان سندس گھرواري ۽ ٻارڙن کي مارڪٽ ڪندي ويگو گاڏيءَ ۾ کنڀي کڻي گم ڪيو ٿو وڃي، ھن قسم جا عمل عالمي قانون، ملڪي قانون، انسانيت، اخلاقيات، ۽ انساني حقن جي سنئين سڌي لتاڙ آھن. محب آزاد لغاري کي جيڪڏھن ٻن ڏينھن اندر آزاد نہ ڪيو ويو ۽ سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سوين نوجوان ۽ بزرگ سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن کي آزاد نہ ڪيو ويو يا ڪورٽن آڏو پڌرو نہ ڪيو ويو، تہ سنڌ جي شھر شھر ۾ احتجاجي مظاھرن ۽ ڌرڻن جو اڻکُٽندڙ سلسلو شروع ڪيو ويندو. ھن احتجاج ۾ عورتن، ٻارڙن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جن جي ھٿن ۾ محب آزاد سميت سنڌ مان کنڀي گم ڪيلن جي آزادي جا پلي ڪارڊ ۽ بينر ھُئا ۽ ھو سندن آزاديءَ لاءِ زوردار نعرا ھڻي رھيا ھُئا، تن کي پوليس جي وڏن اٽالن رُڪاوٽون کڙيون ڪري گورنر ھائوس ڏانھن وڌڻ کان روڪي ڇڏيو، پوليس ۽ مظاھرين ۾ ڇڪتاڻ کي ٽارڻ لاءِ سينيئر اڳواڻن اسد اقبال بٽ، لطيف لغاري، عثمان بلوچ ۽ بين کين سنڀالي ورتو، جنھن بعد مظاھرين ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا، جنھن ۾ مٿين اڳواڻن کان سواءِ سنڌ سجاڳي فورم حيدرآباد جي اڳواڻن پير نوناري، اعزاز لغاري، مدثر لغاري، ٽنڊي ڄام جي اڳواڻ فيصل لغاري، امجد رند، ڪورنگي ضلعي جي اڳواڻن، ريجھو مل، صداقت شيخ، آفتاب گبول، مجاھد سنڌي، شعيب شيخ، جسقم اڳواڻ شريف ميراڻي ۽ ساٿين، سنڌ سڀا اڳواڻ انعام سنڌي، ولي راڄپر، ايس يوپي اڳواڻ ۽ کنڀي گم ڪيل بشير ۽ غلام رسول شر جي والد عبدالرزاق شر، کنڀي گم ڪيل محفوظ نوتڪاڻي جي ڀاءُ مقبول اسماعيل نوتڪاڻي، بلوچ اڳواڻ زاھد بُگٽي، امان نظير بانو، شبير لغاري، رزاق لطيف لغاري، صحافي مير ڪيريي ۽ ٻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي بلوچ آرٽسٽ ۽ جرنلسٽ شاھينہ شاھين جي تُربت ۾ بيرحمانہ قتل جي مذمت ڪندي قاتلن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پُڄائڻ جو مطالبو ڪجي ٿو.

جواب لکھیں

آپ کا ای میل شائع نہیں کیا جائے گا۔نشانذدہ خانہ ضروری ہے *

*